اسلام آباد(بيورو)سينيٽ جو اجلاس سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. ايوان ڏکڻ وزيرستان، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ دهشتگردي جي مختلف ڪاررواين ۾ شهيد ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي.سنڌ مان نئين چونڊيل سينيٽر نثار کهڙو پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو.










