ناڻي کاتي پاران ڪفايت شعاري قدمن جو نوٽيفڪيشن جاري

ناڻي کاتي پاران ڪفايت شعاري قدمن جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت مالي سال 2026-27 لاءِ ڪفايت شعاري مهم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزارتِ خزانه روان مالي سال لاءِ ڪفايت شعاري قدمن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.وفاقي ڪابينه خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪفايت شعاري قدمن جي منظوري ڏني، اهي ڪفايت شعاري قدم وفاقي ادارن، خودمختيار ادارن ۽ ريگوليٽري اٿارٽيز تي لاڳو ٿيندا. سرڪاري ملڪيت وارن ادارن ۽ اسٽيچوٽري باڊيز (قانوني ادارن) لاءِ به ڪفايت شعاري جا سخت احڪامات جاري ڪيا ويا آهن.وزارتِ خزانه موجب، ادارن لاءِ ڪفايت شعاري قدم وفاقي حڪومت پاران لازمي آئيني هدايت تصور ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪفايت شعاري ڪميٽي کي ٺوس وڄهن جي بنياد تي ڪيس ٽو ڪيس جي حساب سان ڇوٽ ڏيڻ جو اختيار هوندو. وزارتِ خزانه وزارتن ۽ ڊويزنن کي ڪفايت شعاري تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو