ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)عالمي فٽبال ڪپ جاري آهي، جنهن ۾ ڪجهه ٽيمن جي قسمت جا فيصلا ناڪ آئوٽ مرحلي تي اضافي وقت ۾ ٿيا آهن ته ڪجهه ٽيمن جا فيصلا پلينٽي ڪِڪِس تي ٿيا آهن. اسين پنهنجي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اضافي وقت ۽ پلينٽي ڪڪس جي رولز بابت سمجهاڻي پيش ڪريون ٿا.
اضافي وقت (Extra Time) ڇا هوندو آهي؟
جيڪڏهن ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ مقرر 90 منٽن جي راند کان پوءِ به ڪنهن ٽيم کي فتح حاصل نه ٿئي ۽ اسڪور برابر هجي، ته پوءِ فاتح جو فيصلو ڪرڻ لاءِ اضافي وقت ۾ کيڏايو ويندو آهي.
هي پنالٽين تائين وڃڻ کان اڳ هڪ فيصلائتو مرحلو هوندو آهي، جنهن جو مقصد ميچ جو فاتح طئي ڪرڻ هوندو آهي.
ورلڊ ڪپ ۾ اضافي وقت ڪيترو هوندو آهي؟
اضافي وقت 30 منٽن تي مشتمل هوندو آهي، جيڪو ٻن 15-15 منٽن جي هافن ۾ ورهايل هوندو آهي.
انهن ٻنهي هافن جي وچ ۾ ٽيمون، جيئن عام 90 منٽن واري ميچ ۾ ڪنديون آهن، پنهنجا پاسا تبديل ڪنديون آهن.
پنالٽي شوٽ آئوٽ ڪڏهن ٿيندو آهي؟
جيڪڏهن اضافي وقت جا 30 منٽ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به ميچ برابر رهي، ته پوءِ فاتح جو فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ ذريعي ڪيو ويندو آهي.
پنالٽي شوٽ آئوٽ ۾ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر هڪ ٻئي پٺيان پنالٽي ڪِڪ هڻي گول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
پنالٽي شوٽ آئوٽ جا قانون ڇا آهن؟
• ريفري سِڪو اڇلائي يا پنهنجي هٿن ۾ لڪائي رکي اهو طئي ڪندو آهي ته پنالٽيون ڪهڙي گول تي هنيون وينديون.
• عام طور ٻيو سِڪو اڇلائي اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته پهرين پنالٽي ڪهڙي ٽيم هڻندي.
• شروعات ۾ هر ٽيم پنج رانديگر چونڊيندي، جيڪي پهريون پنج پنالٽيون هڻندا.
• ٻنهي ٽيمن جون پنالٽيون واري واري سان هنيون وينديون آهن؛ مثال طور، پهرين ٽيم “الف”، پوءِ ٽيم “ب”، پوءِ وري ٽيم “الف”، اهڙيءَ طرح.
• صرف اهي رانديگر پنالٽي هڻي سگهن ٿا، جيڪي اضافي وقت ختم ٿيڻ وقت ميدان ۾ موجود هجن.
• گول ڪيپر سميت ڪو به اهل رانديگر پنالٽي هڻي سگهي ٿو.
• جيڪڏهن ٻنهي ٽيمن جون پنج-پنج پنالٽيون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به اسڪور برابر رهي، ته پوءِ مقابلو اوچتي موت (Sudden Death) ۾ داخل ٿيندو.
• سڊن ڊيٿ ۾ هر مرحلي تي ٻنهي ٽيمن کي هڪ-هڪ پنالٽي ملندي. جيئن ئي هڪ ٽيم گول ڪري ۽ ٻي ساڳئي مرحلي ۾ گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ميچ ختم ٿي ويندي.
• پنالٽي دوران گول ڪيپر کي بال هڻڻ تائين گول لائين تي ٻنهي پوسٽن جي وچ ۾ بيهڻو پوندو. هو گول لائين تي ساڄي يا کاٻي پاسي حرڪت ڪري سگهي ٿو، پر بال هڻڻ کان اڳ گول لائين کان اڳتي نٿو وڌي سگهي.
تاريخ جا مشهور پنالٽي شوٽ آئوٽ
• 1994ع ورلڊ ڪپ فائنل: برازيل ۽ اٽلي وچ ۾ فائنل پهريون ڀيرو پنالٽين تي فيصلو ٿيو. مقرر وقت ۽ اضافي وقت کان پوءِ ميچ 0-0 تان برابر رهي، جڏهن ته برازيل پنالٽين تي 3-2 تان ڪامياب ٿيو. اٽلي جي روبرٽو باجيو جي فيصلائتي پنالٽي ضايع ٿيڻ ٽورنامينٽ جي يادگار لمحن مان هڪ بڻجي وئي.
• 1990ع ورلڊ ڪپ سيمي فائنل: اولهه جرمني انگلينڊ کي 4-3 تان پنالٽين تي شڪست ڏني، جڏهن ته ارجنٽائن ميزبان اٽلي کي به 4-3 تان پنالٽين تي هارائي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي.
• 2006ع ورلڊ ڪپ فائنل: اٽلي فرانس کي پنالٽين تي 5-3 تان شڪست ڏئي عالمي چيمپيئن بڻيو.
• 2014ع ورلڊ ڪپ آخري 16: برازيل چلي کي پنالٽين تي 3-2 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهتو.
• 2018ع ورلڊ ڪپ: ڪروشيا آخري 16 واري مرحلي ۾ ڊينمارڪ کي پنالٽين تي 3-2 تان هارايو، ۽ پوءِ ڪوارٽر فائنل ۾ ميزبان روس کي به پنالٽين تي 4-3 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل تائين پهتو.










