راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته ترقي جي سفر ۾ رڪاوٽ وجهندڙن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون.آرمي چيف جنرل عاصم منير گرين پاڪستان انيشيٽو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي دور ۾ معاشي استحڪام کانسواءِ مڪمل آزادي ممڪن ناهي.جنرل عاصم منير چيو ته ڌيان هٽائڻ ۽ ترقي جي سفر کي پٽڙي تان لهندڙن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون، اسان سڀ ٽيم پاڪستان آهيون، ناڪاري پروپيگنڊا ۽ ٽرالر اسان کي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهن.آرمي چيف چيو ته اچو ته سڀ گڏجي ناڪاري قوتن کي رد ڪري پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي سفر تي ڌيان ڏيون.










