نانگ جي ڏنگ واري ويڪسين اڻلڀ،همراهه رستي ۾ فوت

گھوٽڪي(عرفان علي سومرو) يارو لنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ چڪ نمبر 1 جي رهواسي غلام حيدر پٽ عيدن ٽانوري کي وارث تعلقه اسپتال گهوٽڪي کڻائي آيا جتي وئڪسين نه هجڻ سبب کيس نازڪ حالت ۾ سکر اسپتال ريفرڪيو ويو. ترت علاج نه ٿيڻ سبب کيس زهر سڄي جسم ۾ ڦهلجي وئي جنهن سبب هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. واضع رهي ته تعلقه اسپتال گھوٽڪي ۾ ڪتي جي چڪ، نانگ ۽ وڇون جي ڏنگ واريون ويڪسينز اڻ لڀ آهن جنهن سبب ڪيترا ئي غريب ماڻهو وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن. ياد رهي ته هي ويڪسينز ڀارت مان گهرايون وينديون آهن، ڪشمير بابت ٿيل ڇڪتاڻ بعد پاڪستان ڀارت سان هر قسم جي تجارت تي بندش هنئي هئي جنهن سبب هي ويڪسينز به شارٽ ٿي ويون هيون. تازو وفاقي حڪومت ڀارت کان ايبدڙ جان بچائڻ وارين دوائن گهرائڻ تان بندش هٽائي آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ويڪسين ايتري موثر ناهي جيتري اسلام آباد جي اين آءِ ايڃ ۾ ٺهي ٿي پر ان جي قيمت ٻيڻي هئڻ سبب امپورٽ ڪرڻ وارن جي ڪميشن جي چڪر ۾ ٻاهران گهرائي وڃي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو