نامور اديب ۽ محقق خليل مورياڻي هميشهه لاءِ وڇڙي ويو

شڪارپور(عبدالخالق سومرو) سنڌ جو ناميارو اديب، محقق ۽ مرتب شڪارپور جو عاشق خليل مورياڻي 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي، خليل مورياڻي شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو باني ۽ روح روان هو. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ شڪارپور سونهن جو شهر ، شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق ، ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون ، ڀڳت ڪنورام ۽ موئن جو دڙو شامل آهن. جڏهن ته شهيد قيوم منگي بابت ڪتاب ڪمپوز ٿي چڪو آهي. خليل مورياڻي انڊيا جي مشهور سنڌي رسالي ”رچنا” جي خصوصي نمبر ثميرا زرين جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي پاڻ شڪارپور جي شخصيتن جي حوالي سان توڙي شڪارپور بابت ڪيترائي سيمينار به ڪرايا. ڪجھ وقت اڳ ڪراچيءَ کان آيل پنھنجي هڪ دوست کي شاهي باغ گهمائڻ ويو هو ته شاهي باغ جي مک دروازي تي ٿاٻڙجڻ سبب ڪري پيو هو جنهن ڪري ڄنگھ ڀڄي پئي هئي ۽ پاڻ ڪيتري ئي عرصي کان شگر جو مريض به رهيو. نامياري اديب خليل مورياڻي سوين آلين اکين ۽ سڏڪن سان سوڳوار ماحول ۾ مختيارڪاري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ سنڌ جي نامور اديبن اسرار علوي، اياز گل، ادل سومرو، ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، بدر اڄڻ، ارشاد شيخ (آدرش)، ضياءُ شاھ، عديل مهر، نسيم بخاري، انور سومرو، سجاد مهر، لطف سيال، اسد مڱڻهار، زبير سومرو، حسام ميمڻ، حمير چانڊيو، سلمان سومرو سميت اڳوڻي وائيس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي لطف الله منگي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير نظام الدين ميمڻ، عبدالحئي مورياڻي، فهد مورياڻي، ڪائونسلر عرفان مورياڻي،جسقم اڳواڻ عبدالسميع بلالي، پروفيسر بدر هڪڙو، ضلعي ڪائونسل ميمبر نادر شاھ، پروفيسر پرڪاش لعل، محمد حسين سومرو پرنسپل حرا اسڪول، پروفيسر آغا سمندر خان، پروفيسر عبدالباقي شيخ، جگن ناٿ لائبريريءَ جي لائبريرين فريد احمد شيخ، پريس ڪلب صدر حاجي رحيم بخش جمالي، زاهد نون، سلطان رند، سوڍو جيمس، عبدالخالق سومرو، ابراھيم بروھي، عتيق ڌڪڙ، صلاح الدين اوستو، جلال الدين اوستو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏھن ته سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سيڪريٽري سجاد مهر پاران خليل مورياڻيءَ جي اوچتي وڇوڙي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو