شهدادڪوٽ( ڊ ر )موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رتوديرو روڊ تي ڳوٺ فضل محمد بروهي وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 25 ورهين جي نوجوان قربان بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو هوڏانهن اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو ته واقعو ڇا تان پيش آيو آهي واقعي جي ڪارڻ جي جانچ ڪريون پيا هوڏانهن نوجوان جو لاش اوچتو گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو










