ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليوارو مذهبي اڳواڻ غلام حسين شاهه قمبر وارو لاڏاڻو ڪري ويو.غلام حسين شاهه قمبر واري ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، هو بيماري سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.حسين شاهه قمبر واري جي لاڏاڻي تي سنڌ ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.










