شڪارپور (رپورٽ عبدالخالق سومرو) ناليوارو اديب ۽ عالم پروفيسر اسرار احمد علوي لاڏاڻو ڪري ويو. شڪارپور جي صحافي عديل احمد علوي جو چاچو ۽ سنڌ جو ناليوارو اديب، عالم، محقق ۽ مصنف پروفيسر اسرار احمد علوي دل جو دورو پوڻ سبب 77 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز شڪارپور جي علائقي علوي محلا ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نماز ادا ڪرڻ بعد مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف شڪارپور پريس ڪلب جي صدر سوڍو جيمس، رحيم بخش جمالي، وحيد ڦلپوٽو، عبدالخالق سومرو، زاھد ڀنڀرو، سجاد سيٺار، نسيم شاھ بخاري، ظفر چنو ۽ ٻين پاران پروفيسر اسرار احمد علوي جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آھي.










