ناصر شاهه پاران تبليغي جماعت جي اجتماع گاهه جو دورو

ناصر شاهه پاران تبليغي جماعت جي اجتماع گاهه جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ، مڪاني کاتي ۽ مذهبي معاملن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه اورنگي ٽائون ۾ تبليغي اجتماع گاهه جو دورو ڪيو. وزيراعليٰ سنڌ جو ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ ۽ پيپلز پارٽي اوله ضلعي جو جنرل سيڪريٽري علي احمد جان به ساڻس گڏ هئا .ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اولهه ،اي ايس پي اورنگي ٽائون، ميونسپل ڪمشنر ويسٽ، چيف انجنيئر ڪي ڊي اي،  ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.  اجتماع گاهه جي منتظم مولانا عبدالوهاب پاران مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي اجتماع گاهه جو تفيصلي دورو ڪرايو ۽ مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت 4 فيبروري کان شروع ٿيندڙ سالياني عالمي تبليغي اجتماع جي موقعي تي منتظمين کي هر سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته صفائي ۽ پاڻي جي فراهمي جا خاص انتظام ڪيا ويندا. بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ضلعي انتظاميه پاران سيڪيورٽي جو فول پروف پلان جوڙيو ويندو. صوبائي وزير نئين ناظم آباد کان اجتماع گاهه تائين روڊ جي تعمير جا حڪم جاري ڪيا. ۽ منتظمين کي اجتماع گاهه جي سامهون ناجائز قبضا خالي ڪرائڻ جو يقين پڻ ڏياريو. مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه تبليغي اجتماع جي منتظمين کي مشورو ڏيندي چيو ته عالمي تبليغي اجتماع جي موقعي تي ڪورونا ايس او پيز تي عمل يقيني بڻايو وڃي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو