ناصر شاهه جي لاپته ماڻهن جي وارثن سان همدردي

ناصر شاهه جي لاپته ماڻهن جي وارثن سان همدردي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ ۽ مذھبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه  گذريل رات مزار قائد جي سامهون شيعه لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ جاري ڌرڻي ۾ پھچي  ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن سان اظهار يڪجهتي ڪئي ۽  گم ٿيل (لاپتا) ماڻهن جي خاندانن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو علامه احمد اقبال رضوي، علامه حيدر عباس، علامه مبشر حسن، ناصر حسين شيرازي، علامه صادق جعفري ۽ علامه عقيل موسيٰ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سيد ناصر حسين شاهه ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف بلڪل واضح آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو معاملو هر فورم تي اٿاريو آهي. سنڌ حڪومت توهان جي ان جائز مطالبي تي توهان سان گڏ آهي. اسانجي ڪوشش آهي ته مسنگ پرسنز جو مسئلو حل ٿئي ۽ سمورا ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانھن واپس اچن . صوبائي وزير چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سنڌ حڪومت جي ادارن کي واضح حڪم جاري ڪيا آهن ته سنڌ حڪومت جي وس ۾ آهي ان مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻن.  صوبائي وزير سيد ناصر حسين چيو ته اسان توهان جي جذبن ۽ احساسن جو قدر ڪريون ٿا ۽ توهان جي تڪليف جو اسان کي احساس آهي. ڌرڻو هڻندڙن سان وعدو ڪريان ٿو ته سنڌ حڪومت مسنگ پرسنز مسئلي جي حل جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندي. پاڪستان پيپلز پارٽي توهان سان گڏ ڌرڻي ۾ ويهڻ جي لاءِ به تيار آهي. هن چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني  ۾ اسان جون مائرون ، ڀينريون، بزرگ ويٺا آهن. وڏيون برڪت ڀريون راتيون اچڻ واريون آهن، منهنجي توهان کي گذارش آهي ته توهان سڀ ڌرڻو موخر ڪريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو