ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي مان اغوا ٿيل ڇوڪري جي بازيابي جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪئي آهي. گذريل رات بخاري ڪمرشل لڳ واڪ ڪندڙ جوڙي تي نامعلوم ڪار سوارن فائرنگ ڪئي ۽ حارث سومرو کي گولي هڻي زخمي ڪري سندس دوست دعا منگي کي اغوا ڪري ويا هئا. درخشان پوليس حارث سومرو جي والد جي فرياد تي نامعلوم ملزمن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيچ هٿ ڪيون آهن پر آچر تي موڪل هئڻ سبب بئنڪن ۽ نجي اسڪولن ۾ لڳل ڪيمرائن جي فوٽيج هٿ ڪري سومر تي جاچ اڳتي وڌائبي.










