سلطانپور ( ن سنڌيار)پنوعاقل جون يونين ڪائونسلون نارو همٿر،جوڻاس ۾ برساتي پاڻي جي ور چڙهيل، چونڊيل نمائندن انتظاميا به سار نه لڌي، يوسي سيڪريٽري، يوسي چيئرمين ۽ ڪائونسلر غائب، سوين ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿي يونين ڪائونسل نو نارو همٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي توڙي ڪارو نارو جي سيلابي تباھ ڪارين اتان جي رهواسين کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو ڪچا توڙي پڪا گهر ڊهي پٽ چوپايو مال به مرڻ لڳو انتظاميه اک نه پٽي متاثر ماڻهن پاران واهر ڪرڻ جي گهر: تفصيل موجب پنوعاقل جي يونين ڪائونسل نو جي مختلف ڳوٺن جڙيو انڍڙ والو انڍڙ الهيار انڍڙ محمد جيئل انڍڙ، ولي محمد ڇڄڻ، منگهو مياڻي، مٺل بروهي، گل حسن انڍڙ، ڪوڙو ڪورائي سميت مختلف ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي توڙي ڪارو نارو سم واري پاڻي تباهي مچائي ڇڏي پاڻي اچڻ ڪري ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا فصل ڪپھ جو فصل توڙي سايون ڀاڄيون ٻڏي سري رک ٿي ويون جنهن جي ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان هن وقت تائين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گوڏي جيترو پاڻي بيٺل آهي، ۽ سندن زميني رابطو پڻ ڪٽيل آهي برسات پوڻ کان پوءِ مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي جنهن ڪري چوپائي مال ۾ مختلف قسمن جون بيماريون پکڙجي ويون آهن ۽ مال مرڻ لڳو مڇرن جي آزار ڪري ماڻهو مليريا جهڙي وبا ۾ وڪوڙ جي ويا آهن پر سندن سار لهڻ وارو ڪوبه ناهي انتظاميه اگھور ننڊ ستل آهي هتان جي علائقي واسين توڙي ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن توڙي اعلي عملدارن کان گهر ڪئي آھي ته مٿي ڄاڻايل ڳوٺاڻن جي واھر ڪئي وڃي










