نارا ڪئنال جا ڪپر ڪمزور، احتجاج

نارو(محمد نواز ناريجو) چونڊڪو ڀرسان کينهواري واري علائقي ۾ ناراڪئنال جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا  جنهن سبب  پاڻي هنڌان هنڌان ڪپرن تان سيمو ڪري رهيو آهي نارا ڪئنال جي  ساڄي پاسي آرڊي 420 کان آرڊي 463 تائين ڪئنال جا ڪپر ڪمزور هجڻ سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ڪپر ڪمزور هجڻ ڪري ۽ سيمي جو پاڻي وڌڻ سبب  سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ۽ اچڻ وڃڻ جا رستا ٻڏي ويا آهن ڳوٺ خالد حسين راڄپر.رسول بخش سهتو.سميت ڪافي ڳوٺ ناراڪئنال جي ڪپرن مان سيمي واري پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آهن اطلاع باوجود ايريگيشن عملدارن ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي اهڙي عمل خلاف ڀرپاسي جي سوين ڳوٺاڻن  احتجاجي مظاهرو ڪيو ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن رفيق احمد سهتو،رئيس ڪوڙو خان سهتو،سومر اوڏ ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ناراڪئنال جا ڪپر ڪمزور هجڻ ڪري نارا ڪئنال جو پاڻي مختلف ڳوٺن ۾ اچي ويو آهي پوکيل فصل ۽  اچڻ وڃڻ جا رستاٻڏي ويا آهن  پاڻي ڳوٺن ۽ رستن ۾ داخل ٿيڻ ڪري مختلف قسمن جا نانگ خطرناڪ جيت ۽ مڇر وڌي ويا آھن ايريگيشن عملو خبر ھوندي به بي خبر بڻيل آھي اسان وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير ايريگيشن کي اپيل ٿا ڪيون ته هن مسئلي جو نوٽيس وٺي هنگامي بنيادن تي ناراڪئنال جي ڪپرن جو ڪم ڪرايو وڃي 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو