سکر (جيرام داس ) نارا ڪئنال تي اڏاوتن خلاف آپريشن، هيوي مشينري سان گهر ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، سکر بئراج مان نڪرندڙ نارا ڪئنال تي قائم اڏاوتن خلاف هيوي مشينري جي مدد سان آپريشن ڪيو پيو وڃي، وڏي انگ ۾ گهر ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون،آپباشي انتظاميه پوليس جي مدد سان عدالتي حڪم تي هيوي مشينري جي مدد سان نارا ڪئنال آر ڊي زيرو کان آپريشن شروع ڪري ڇڏيو،وڏي انگ ۾ گهر ۽ ٻيون اڏاوتون انتظاميه ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته متاثر کليل آسمان هيٺان ويهڻ تي مجبور آهن.










