نادرا ۾ عورت ملازمن کي ترجيح ڏني ويندي، طارق ملڪ

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنھوار )چيئرمين نادرا طارق ملڪ جو ڪراچي ۾ ريجنل ھيڊ آفيس سميت مختليف نادرا آفيسن جو ھنگامي دورو ڪيو. طارق ملڪ ڪراچي ۾ نادرا آفيسن جي ڪارڪردگي کي بھترين بڻائڻ لاء جائزو ورتو. چيئرمين پنهنجي پھرين دوري جي دوران نادرا جي ملازمن سان سندن ڪارڪردگي جي حوالي سان به ڳالھ ٻول ٿي. چيئرمين نادرا شارع قائدين نادرا آفيس جي انتظامات جي تعريف ڪئي. جنهن جي انچارج ھڪ عورت اسسٽنٽ ڊائريڪٽررضوانا خليل آهي. چيئرمين نادرا طارق ملڪ نادرا ۾ ترجيعي بنيادن تي عورتن کي نوڪريون ڏيڻ ۽ روزگار جي فراھمي ۾ عورتن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جو عزم ڪيو. هن ٻڌايو ته 39 ملازمن کي اينجٽ مافيا سان ملي ڀڳت ۽ عورتن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو بدعنوان عناصر کي قوائد و ضوابط جي مطابق سزا ڏياري ويندي قومي ادارن ۾ ناقص ڪارڪردگي ـ بدعنواني ۽ ڪرپشن ڪرڻ واران کي ڪڏهن به  برداشت نه  ڪبو اداري جي خلاف محدود وسائل جي باوجود ملازمن کي پگھارون وڌائي ملازمن جي بھترين مفاد کي يقيني بڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو