لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته مهانگائي جي ڪري وچولي طبقي جي کمر ٽٽي رهي آهي، ظالم ۽ نااهل حڪومت هر روز قوم تي نئون بار وجهي رهي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته اڳ ۾ ئي مهانگي بجلي جي هر يونٽ تي 3 رپيا 23 پيسا جو نئون سرچارج ظلم آهي.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته جيڪي بل ادا ڪري رهيا آهن انهن جو بار به چوري ڪندڙ کڻن ٿا، هي ٽيڪس رڳو بل ادا ڪرڻ جي سزا آهي.










