نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان 17 مئي کان ورتا ويندا

نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان 17 مئي کان ورتا ويندا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)تعليم جي صوبائي وزير سردار شاهه جي سربراهي ۾ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نئون تعليمي سال پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو. ذريعن موجب نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جا امتحان 17 مئي کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا ساليانا امتحان 15 جون کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. گرمين جون موڪلون به جون ۽ جولائي ۾ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. صوبائي وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري خالد حيدر شاھ شريڪ ٿيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو