نائين ڪلاس جي شاگردياڻي مبينا طور گم، اغوا جو شڪ

نائين ڪلاس جي شاگردياڻي مبينا طور گم، اغوا جو شڪ

مدئجي(نويد احمد دل) ڳوٺ جندوديرو جي رهواسڻ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي سائره ڌي انور شيخ مبينا طور اغوا ٿي وئي جنهن جي وارثن پيءَ انور شيخ ۽ ٻين ٿاڻي تي پهچي ڌيءَ جي اغوا جي اين سي داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته اسڪول کان واپسي دوران جوابدار دلبر پٽ رضا محمد شيخ ساٿين سميت ڌي کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي نياڻي واپس ڪرائي وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مدئجي پوليس جو چوڻ هو ته مبينا طور اغوا ٿيل ناري جي والد جي فرياد تي ڄاڻايل جوابدار دلبر شيخ ۽ ٻين خلاف اين سي داخل ڪئي آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته شاگردياڻي سائره شيخ پريمي دلبر شيخ سان پيار جي پرڻي لاءِ گهران نڪري وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو