نائين درجي جا امتحاني فارم 14 ڊسمبر تائين جمع ٿيندا

نائين درجي جا امتحاني فارم 14 ڊسمبر تائين جمع ٿيندا

نوابشاهه (ڊ ر)بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن شھيد بينظيرآباد (نوابشاهه)جي سيڪريٽري ھڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي ادارن ۾ داخل نائين جماعت جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سالياني امتحان 2021 لاءِ انرولمينٽ فارم 500 روپيا ليٽ في سان جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 14 ڊسمبر 2020 تائين واڌ ڪئي وئي آھي پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اميدوارن جا انرولمينٽ فارم ليٽ في سان گڏ مقرر تاريخ گذرڻ کانپوءِ ٻئي ڪم واري ڏينھن تائين بورڊ آفيس ۾ جمع ڪرائي سگھجن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو