جوھي (ن سنڌيار) سنڌ بلوچستان سميت کير ٿر جي جابلو پٽين تي زوردار وسڪاري کانپوء ڪاڇي ۾ نئين گاج, نئين سوري , نئين نلي, نئين تڪي , نئين انگئي , نئين ڪڪڙاني سميت 8 کان وڌيڪ نئيون وھي آيون , جنھن ڪري ڪاڇي جا مختلف روڊ رستا ڇني, ڊرگھ بالا, واھي پانڌي روڊ سميت ڪيترائي پاڻي ھيٺ اچي ويا, جنھن سبب سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جو جوھي دادو ھيڊ ڪوارٽر سان ھڪ دفعو ٻيھر زميني رابطو ڪٽجي ويو , علائقي واسين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون درپيش اچڻ لڳيون , ٻي طرف طوفاني برسات سبب ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ غريبن مسڪينن جا ڪچا گھر ڊھي پٽ ٿيڻ ڪري ڪيترائي غريب مسڪين خاندان کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھي, مگر تڪ جي چونڊيل نمائيندن ضلعي انتظاميا دادو برسات متاثرين جي ڪا به واھر نه ڪئي آھي , جنھن سبب کاڌ خوراڪ جو سامان نه ھجڻ ۽ جوھي دادو ھيڊ ڪوارٽرن زميني رابطو ڪٽجڻ ڪري سندن معصوم ٻارڙن سميت بکن ۾ پاھ ٿي ويا , ٻي طرف جوھي شھر ۾ پڻ طوفاني برساتن تباھي مچائي ڇڏي , ڊرينيج سسٽم ناڪاره ٿي وڃڻ ڪري سموري شھر ۾ برساتي پاڻي بيھڻ ڪري جوھي شھر درياء جو ڏيک ڏيڻ لڳو , جوھي شھر جي مختلف ڪالونين نئين ڪالوني جي رھواسي غريب پورھيت محمد لغاري سميت ڪيترن ئي غريب مسڪينن جا ڪچا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن.










