نئين ٽيڪس کانسواءِ وڌيڪ متوازن بجيٽ ممڪن نه هئي

نئين ٽيڪس کانسواءِ وڌيڪ متوازن بجيٽ ممڪن نه هئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم چيو آهي ته ٻوڏ رليف ۽ بحالي جي چيلينجز کي نظر ۾ رکندي ايندڙ بجيٽ ٺاهڻ خاص طور مشڪل ڪم هو.وفاقي بجيٽ جي اعلان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي سپلائي چين ۾ رڪاوٽون ۽ جيو اسٽريٽجڪ تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن سبب بجيٽ ٺاهڻ مشڪل هو.شهباز شريف چيو ته عمران نيازي پيدا ڪيل سياسي عدم استحڪام معيشت کي نقصان پهچايو، بجيٽ معيشت جي ڊگهي مدي وارين خرابين کي دور ڪرڻ جي شروعات آهي.هن چيو ته اتحادي حڪومت صحيح شعبن کي ترجيح ڏني آهي جيڪي معاشي ترقي کي تيز ڪري سگهن، انهن شعبن کي به ترجيح ڏني آهي جيڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهن ۽ معيشت کي خود ڪفيل بڻائي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي کي نظر ۾ رکندي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ۽ پينشنرز کي رليف ڏنو آهي. هن چيو ته مهانگائي کي نظر ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ڪئي وئي آهي، ڪنهن به نئين ٽيڪس کانسواءِ موجوده حدن ۾ وڌيڪ متوازن بجيٽ ممڪن ناهي.وزيراعظم چيو ته مان انهن سمورن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جن ان مشق جو حصو بڻيو ۽ بجيٽ ۾ ڪردار ادا ڪيو، معيشت کي سڌارن جي سخت ضرورت آهي جيڪي مستحڪم سياسي ماحول ۾ ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته چارٽر معيشت سياسي پارٽين لاءِ عوام جي خوشحالي جو واحد رستو نظر اچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو