اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نئين لنڊن پلان تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل رات تائين ضلعي انتظاميا ۽ اسان جا ڪارڪن گڏجي سڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي رهيا هئا، گذريل رات تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي رهيو هو.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي ضلعي تنظيم اڄوڪي جلسي جي سيالڪوٽ ضلعي حڪومت کان اجازت گهري هئي. هن وڌيڪ چيو ته هي اهو ئي پنجاب آهي جتي اڳ ۾ پي ٽي آءِ جا سمورا جلسا پرامن هوندا هئا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اڄ اهي ماحول خراب ڪرڻ تي ڇو بيٺا آهن، اسان جي ڪارڪنن کي مارڻ ۽ انهن کي بلا جواز گرفتار ڇو ڪيو ويو؟ شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ اسان جا ڪارڪن ريلي ۾ شرڪت لاءِ نڪرندا، ريلي به شيڊول مطابق ٿيندي.










