نئين عمارت ڏيو، زندگيون بچايو، شاگردن جو احتجاج

نئين عمارت ڏيو، زندگيون بچايو، شاگردن جو احتجاج

ڪنب (صفدر چانڊيو) گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد حيات سولنگي جي بلڊنگ مڪمل زبون  حالي جو شڪار ٿي وئي سئو کان مٿي شاگرد هيٺ ويهي تعليم پرائڻ لڳا. ان حوالي سان گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد حيات سولنگي جي استادن، شاگرد سميت ڳوٺاڻن استاد هدايت علي، عبدالستار، تنوير احمد سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آھي ته گذريل ٽيهن سالن کان اسڪول جو ڪوبه مرمتي ڪم ناهي ٿيو جڏھن ته تازو چونڊيل ايم اين اي ڊاڪٽر ميڊم نفيسا شاهه جيلاني اڳيان پڻ دانهيو ۽ اسڪول بابت آگاهي ڏني پورو سال گذري ويو هتي ڪو به چونڊيل نمائيندو لڙي ناهي آيو.

هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسڪول جي بلڊنگ مڪمل تباهه ٿي وئي آھي اسڪول جي ڇت ديوارون ڀڄي ڀري رهيون آھن ڪافي شاگردن کي بلڊنگ جي ڪرڻ سبب ٻين ڳوٺن ڏانهن پڙھائڻ لاءِ موڪليو پيو وڃي. هنن وزيرتعليم سيد سردار احمد شاهه، سيڪريٽري تعليم، ڊي سي خيرپور ۽ تڪ جي چونڊيل نمائيندن، ضلعي ناظم کان مطالبو ڪيو آھي ته اسڪول جي نئين بلڊنگ ڏئي مايوسي ۽ بي چيني ختم ڪري شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو