اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 9 مارچ تي طلب ڪري ورتو. اسپيڪر طرفان طلب ڪيل ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس 9 مارچ جي صبح 10 وڳي منعقد ٿيندو. اجلاس نئين صدر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جي حوالي سان طلب ڪيو ويو آهي.










