نئين دهلي ۾ عمارت کي باهه، 27 فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ چار ماڙ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 27 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب فائر برگيڊ کاتي جو چوڻ آهي ته باهه جمعي جي شام شارٽ سرڪٽ سبب لڳي جنهن پوري عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. رپورٽن مطابق باهه لڳڻ وقت عمارت ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا.ان کان علاوه ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب وزيراعظم نريندر مودي واقعي ۾ مارجي ويلن جي وارثن کي 2 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو