نئين حڪومت ۾ به مهانگائي عروج تي،عوام پريشان

نئين حڪومت ۾ به مهانگائي عروج تي،عوام پريشان

ڪراچي (م ڊ) گڏيل اپوزيشن جي نئين حڪومت ۾ به مهانگائي گهٽ ٿيڻ بجاءِ چوٽ چڙهي وئي، شماريات کاتي موجب ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي سبب 17 شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو جڏهن ته ڪجهه شين ۾ معمولي ڪمي به ڏسڻ ۾ آئي آهي شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران گوشت 12 روپيا، ڪوڪنگ آئل 13 رپيا 70 پيسا ۽ بيضا في درجن 2 روپيا 78 پيسا مهانگا ٿي ويا شماريات کاتي موجب زنده ڪڪڙ جي في ڪلو ۾ هڪ روپيو 67 پيسا، بيف 3 روپيا 9 پيسا، مسور دال 2 روپيا 50 پيسا، چڻن جي دال، ماش ۽ مڱ جي دال به مهانگي ٿي وئي شماريات کاتي موجب ٽماٽر52 في ڪلو سستو ٿيو جڏهن ته، بصر، پٽاٽا، ٿوم، اٽو ۽ کنڊ ۾ معمول گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ گدرا، هنداڻا، صوف، کير ، ڏهي ۽ ٻين شين جا اگهه آسمان تي پهتل آهن

پهنجو تبصرو موڪليو