نئين حب ڪينال جو باقاعده افتتاح اڄ ٿيندو: ميئر ڪراچي

نئين حب ڪينال جو باقاعده افتتاح اڄ ٿيندو: ميئر ڪراچي

ڪراچي(پ ر)ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب نئين حب ڪينال منصوبي جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ منصوبي جي ترقي ۽ مڪمل ٿيڻ جي مرحلن جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو تہ نئين حب ڪينال جو باقاعده افتتاح اربع 13 آگسٽ تي ڪيو ويندو جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري خاص مهمان طور شرڪت ڪندو ۽ منصوبي جو افتتاح پڻ ڪندو. هن چيو تہ ٻاويهه سالن بعد ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي شعبي ۾ هي پهريون وڏو منصوبو مڪمل ٿيو آهي جيڪو شهر جي لکين رهواسين کي وڌيڪ ۽ بهتر پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو۔ ميئر ڪراچي چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي شهر جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ لڳاتار قدم کڻي رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪيترائي منصوبا جاري آهن۔ هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ هي منصوبو نہ رڳو پاڻي جي فراهمي ۾ سڌارو آڻيندو پر شهر جي مجموعي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪندو. ميئر ڪراچي ان عزم جو اظهار ڪندي چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ڪراچي کي جديد، پائيدار ۽ بهتر شهر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رھندي.

پهنجو تبصرو موڪليو