نئون ڪوٽ  ۾ مرد ۽ عورتن جو  بااثر زميندار جي زيادتين خلاف احتجاج

نئون ڪوٽ ۾ مرد ۽ عورتن جو بااثر زميندار جي زيادتين خلاف احتجاج

نئون ڪوٽ (ن س)نئون ڪوٽ ۾ مرد ۽ عورتن جو بااثر زميندار جي زيادتين خلاف احتجاج، ان ڏس ۾ ڳوٺ جعفر علي دل جي رهواسين شمبو ڪولهي پريم ڪولهي ڪيسري ڪولهي ريشم ۽ ٻين نئون ڪوٽ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هڻندي چيو ته بااثر زميندار فهيم آرائين وٽ ڪيتري عرصي کان ھارپو ڪريون پيا پر اجورو نه پيو ڏنو وڃي اسان فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آھيون. هنن چيو ته زميندار کان پيسا گهرڻ تي هن اسانکي ڌمڪائي ڳوٺ مان بي دخل ڪري اسان جو سامان ۽ مال پنهنجي قبضي ۾ رکي ڇڏيو آھي. زميندار ڏاڍ جي زور تي بچت جا پئسا ڦٻائي مال تي قبضو ڪري ويٺو آھي، جڏهن ته مٿس قرض ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ لا ڌمڪائي رهيو آھي ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته سندس حساب ۽ قبضو ڪيل چوپايو مال واپس ڏياريو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو