نئون ڪوٽ ۽ ٽنڊو غلام حيدر ۾ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي

نئون ڪوٽ/ ٽنڊو غلام حيدر(نمائندن وٽان) نئون ڪوٽ پوليس منشيات فروش خان محمد کوسو کي 5 گٽڪي جي ٿيلهين سميت گرفتارڪري ورتو. سيلزمين خان محمد کوسو صحافين کي ٻڌايو ته آئون راشد مصطفي عرف ٽمي قائمخاني جي گٽڪي ٺاهڻ جي فيڪيٽري تان هر روز رات جي اونداھ  ۾ گٽڪو کڻي  ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ سيل ڪندو آهيان نئون ڪوٽ پوليس جي پابندي باوجود ڪارخاني مالڪ راشد مصطفي عرف ٽمي اسان کي رات جو گٽڪو سيل ڪرڻ لا موڪليندو آهي اڄ آئون لڪ ڇپ ۾ ڳوٺ ڪريم آباد گٽڪو سيل ڪرڻ لا وڃي رهيو هئس ته پوليس مون کي اسان جي سيٺ جي گهر ڀرسان گرفتار ڪري ورتو آهي. اسان چار ڄڻا سيٺ جا سيلز مين آهيون جيڪي رات جي وقت ڪارخاني تان گٽڪو کڻي ٻهراڙين جي مختلف ڳوٺن ۾ سيل ڪندا آهيون. هوڏانهن ٽنڊوغلام حيدرجي ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ تعلقي جي مختلف هنڌن تي اشتهاري ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. ايس ايڇ او ارشاد علي شاهاڻي ٻڌايو ته نظرپور جي حد ۾ ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي شاھ محمد مگسي کي سوين ليٽر ڪچي شراب سميت گرفتار ڪري بٺي کي مسمار ڪيو ويو ٻئي طرف منشيات فروش الهداد چانڊيو ۽ جبار چانڊيو کي چرس سميت گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو