نئون ڪوٽ ۽ ٺل ۾ جهيڙن جي مختلف واقعن ۾ 10 زخمي،1 ٻڏي فوت

نئون ڪوٽ ۽ ٺل ۾ جهيڙن جي مختلف واقعن ۾ 10 زخمي،1 ٻڏي فوت

نئون ڪوٽ/ ٺل(پيارعلي نهڙيو/ عبدالنبي ملڪ) نئون ڪوٽ جي بس اسٽاپ وٽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو لٺيون لڳڻ ڪري غلام مصطفي ولد حاجي چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نئون ڪوٽ ٻڌايو ته اسان زخمي کي ليٽر ڏئي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي زخمي جا وارٽ جئين رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ايندا ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ سڱاوتي تان جهيڙو ٿيو آهي. هوڏانهن ٺل ڀرسان ڳوٺ مولا بخش ڪنراڻي جو رهواسي 13 ورهين جو نينگر محبوب علي ولد فيض محمد ڪنراڻي ميرواهه ڀٽو ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش ڳوٺ وارن ڀرپاسي جي موري مان ڪڍيو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو،نينگر جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ***ٺل شهر ۾ ٻن مختلف جهيڙن جي نتيجي ۾ 09 ڄڻا زخمي ٿي پيا،زخمي اسپتال ۾ داخل،پوليس پهچي جهيڙن کي ختم ڪرائي ڇڏيو، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نور محمد ڀٽي محلا ۾ گندو نالين جو پاڻي نيڪال ڪرڻ تي ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ سروٽا لڳڻ سبب محمد اسلم ۽ سجاد احمد ڀٽي زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين جون هڪٻئي جي خلاف اين سي داخل ڪيون ويون. ٻئي طرف ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد لاشاري محلا ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ جي دوران ٽي ورهين جو نينگر عمير احمد ولد اسرار احمد لاشاري زخمي ٿي پيو،جنهن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، پاڙيسري ون ويلنگ ڪندڙ موٽر سائيڪل سوار شهزادو بنگلاڻي کي روڪي ورتو،جنهن ٻرڙا برادري کي طلب ڪري ورتو، جنهن بعد ٺل جي رهبر چوڪ تي لاشاري ۽ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون لڳڻ سبب محمد بچل، سهڻو، محمد سچل ٻرڙو،در محمد لاشاري،عابد علي،نعمت الله،رميز احمد لاشاري زخمي ٿي پيا،جن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو،اطلاع ملڻ تي ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي ڪري جهيڙي کي ختم ڪرائي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو