نئون ڪوٽ ڀرسان ڦر جون وارداتون پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

نئون ڪوٽ ڀرسان ڦر جون وارداتون پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

نئون ڪوٽ (ن سنڌيار) نئون ڪوٽ ڀرسان نفيس نگر ٿاڻي ويجھو ڏينهن ڏٺي جو هڪ موٽرسائيڪل سوار ڦورو ڪهاڙي جي زور تي اسامه نور پيٽرول پمپ تان پمپ مئنيجر کي يرغمال بڻائي رقم ڦر ڪري آرام سان موٽرسائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويو.اطلاع تي نئون ڪوٽ پوليس ڊي ايس پي جهڏو سڄاڻ سنگھ ٺڪر واقعي واري هنڌ پهچي پمپ مالڪ کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.ڊي ايس پي جهڏو نفيس نگر ٿاڻي تي موجود ئي هو ته نامعلوم هٿياربندن 13 ميل موري وٽ ڳوٺ ويندڙ دولت ولد هيرو ڀيل کان هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻنهي ڦر جي وارداتن تي پوليس اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو