مڪلي واسي 1 مھيني کان پاڻي بند ھجڻ ڪري رھواسي اڃ مرڻ لڳا

مڪلي واسي 1 مھيني کان پاڻي بند ھجڻ ڪري رھواسي اڃ مرڻ لڳا

ٺٽو(ن سنڌيار) ترڪش ڪالوني مڪلي ۾ گذريل ھڪ مھيني کان پاڻي بند ھجڻ ڪري رھواسي اڃ مرڻ لڳا، رھواسين جو احتجاج، پاڻي ڏيئي اڃ مرڻ کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ ترڪش ڪالوني مڪلي جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين پاڻي نہ ملڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو تہ 2210 گھرن تي مشتمل ھن ترڪش ڪالوني جي ھزارين رھواسين جو پاڻي بند ڪري گذريل ھڪ مھيني کان اڃ مرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي، جيڪي پاڻي خريدڻ توڙي پري پري کان آڻڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو تہ ترڪش ڪالوني مڪلي جي واٽر سپلاء تي پبلڪ ھيلٿ کاتي پاران مقرر ملازم پيئڻ جو ايندڙ پاڻي رستي ۾ فارم ھائوس ۽ زمينن جي آبادي لاء وڪرو پيا ڪن، جن جا وٽن ثبوت بہ موجود آھن، ھنن چيو تہ سندن پاڻي وڪرو ٿيڻ ڪري واٽر سپلاء جي تلائن تائين پاڻي جي رسد نہ ٿيڻ ڪري تلاء بہ سڪي رھيا آھن، پر سندن دانھن تي ڪير بہ ڌيان نٿو ڏي، ھنن گھر ڪئي تہ کين پاڻي مھيا ڪري اڃ مرڻ کان بچائي پاڻي وڪرو ڪندڙ ملازمن خلاف ڪاروائي ڪري کين ھن محرم جي ڀلاري مھيني ۾ پريشاني کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو