ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو اڄ ڪلفٽن ڪراچي ۾ اھم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مڪاني کاتي جي چونڊ کان پوءِ 11 مهينن کان نمائنده قسم کڻڻ لاءِ انتظار ۾ آهن پر اليڪشن ڪميشن پاڪستان هن عمل ۾ بنا جواز جي دير ڪري رھي آهي ـ اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل ۾ تيزيءَ آڻي ته جيئن مڪاني ادارن ۾ چونڊيل نمائندا پنهنجا آفيسن ۾ وڃي عوام کي رليف ڏين ـ صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته بلدياتي چونڊن ۾ نمائندن کي جيڪو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ لاء مليو آهي انھن کي ادا ڪرڻ ڏنو وڃي ـ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ضمني چونڊون ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ھڪڙا اھي اميدوار جيڪي فوت ٿي ويا ۽ ٻيو دفعو جن هنڌن تي چونڊ دوران حادثن جي ڪري ضمني چونڊون الڳ تاريخن تي منقعد ڪرايون ويون، پر ٿيڻ ائين گهرجي ها ته اهي ضمني چونڊون ساڳئي وقت ۽ تاريخ تي ٿين ها ته جيئن سڀئي چونڊيل اميدوار قسم کڻي پنھنجا عھدا سنڀالين ـ پريس ڪانفرنس ڪندي آبپاشي واري صوبائي وزير چيو ته سمجھ ۾ نٿو اچي ته اليڪشن ڪميشن ضمني چونڊون ٻن حصن ۾ ڇو منقعد ڪرايون ۽ 11 مهينن کان وڌيڪ وقت ڇو ضايع ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اليڪشن ڪميشن 22 مئي تي چونڊيل اميدوارن جي حلف برداري جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي پاڪستان پيپلز پارٽي کي سخت اعتراض آهن مخصوص سيٽن لائي به الڳ شيڊيول ۽ وري ميئر، چيئرمينن جو پروسس ڇو دير ڪيو پيو وڃي ـ اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي پروسس مڪمل ڪيو وڃي مخصوص سيٽن جي پروسس بعد ميئر جي چونڊ چيئرمين جي چونڊ جلد مڪمل ڪيو وڃي ـ ماضي ۾ سال تائين اثاثا، وسيلا ۽ ڪيترا مسئلا اڃا منتظر هوندا مهرباني ڪري هن پروسس کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ـ ھن چيو ته ميئر جو نالو فائنل ناهي ٿيو پارٽي ان کي فائنل ڪندي پروسس جلد مڪمل ٿي سگهي پيو ته ليٽ ڇو ڪئي وئي ۽ اھو سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کان بعد ۾ آفيسن جا معاملا به رهيل آهن چونڊ مرحلو اليڪشن ڏينهن مڪمل ٿيندو جيڪو کٽيندو اهو ئي ميئر ٿيندو جڏھن پيپلزپارٽي اڪثريت ماڻي آهي، پيپلزپارٽي مفاهمت جي سياست ڪئي آهي ڳالهين جا دروازا بند ناهن جمهوري جي سياست ۾ خطي اندر پاڪستان بنگلاديش هميشه جمهوري ماڻهن جي خانداني سياست بابت گلا رهي آهي ـڪلھ جيئن ڪياني پريس ڪانفرنس ۾ به پي تي ائي کي ادارو بڻجي ـ جيڪي ماڻهون اچن ٿا انهن جو حق نٿو ماري سگهجي ـ ھن چيو ته پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو سلسلو ڪافي عرصي کان جاري آهي چونڊون ٿينديون رهنديون ته مڪاني کاتو به اختيار والاريندو رهندوـ ماضي ۾ اختيار مليا جن جو غلط استعمال ٿيو هو ۽ گرفتارين جو سبب سرڪاري ۽ نجي ملڪيتون سارڻ سبب آهي جن جون وڊيوز آيون آهن اهي گرفتار ٿيندا ـشيڊيول بابت اعتراض جو سبب دير آهي ان ۾ گهٽتائي ممڪن آهي ـ ڪوشش آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ريئلائيز ڪرايون ـ










