مڪاني چونڊن جي مهم،محمدبخش جون عذرخواهيون

مڪاني چونڊن جي مهم،محمدبخش جون عذرخواهيون

خانپورمهر(ن سنڌيار) پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر پاران يوسي لوهي جي مختلف علائقن ۾ عذرخواهيون ڪيون ۽ مختلف برادرين سان گڏجاڻي پڻ ڪئي، خبرموجب، پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مھر يونين ڪائونسل لوهي جي مختلف علائقن ۾ مختلف برادري جي ماڻهن سان عذرخواهيون ڪيون، جڏهن مختلف ڳوٺن ۾ مختلف برادري جي ماڻهن سان گڏجاڻيون پڻ ڪيون، ڳوٺ ماڪن قاضي ۾ نور حسن قاضي ۽ قاضي برادري پاران ڏنل چانھ پارٽي ۾شرڪت ڪئي، هوڏاهن يوسي لوهي تي پ پ طرفان نامزد وائيس چئيرمين جي اميدوار غلام حيدر گبول طرفان ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ڳوٺ ماڪن قاضي ۾ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر خطاب ڪندي چيو ته آئون جي عوام جي خدمت تي يقين رکان ٿو ۽ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪندو رهندس، قاضي برادري سان دلي محبت آهي، 26 جون تي انشاءَالله پيپلزپارٽي جي ئي جيت ٿيندي، منهنجا عوام لاءِ هميشه درواز کليل آهن، ان موقعي تي حاجي زبردست خان مهر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو