مڙ س ۽ وڏيرو قتل ڪرڻ چاهين ٿا عورت جي فرياد

مڙ س ۽ وڏيرو قتل ڪرڻ چاهين ٿا عورت جي فرياد

ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو) جان کي خطرو آھي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔ وڏيرو ۽ مڙس ناحق ڪاري ڪري قتل ڪرڻ چاهن ٿا مڙس ڪهاڙيون هڻي مٿو ڦاڙيو پر سرحد پوليس جوابدار ڇڏي ڏنا. ايس ايس پي جوابدارن کي گرفتار ڪري مونکي ۽ منهنجي خاندان کي تحفظ فراهم ڪري۔ مسمات گل پري جي ايس ايس پي کي اپيل.گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ٿاڻي جي حد  ڳوٺ عثمان خان مهر جي رهواسڻ مڙس  پاران ناحق ڪاري ڪري زخمي ڪيل عورت گل پري حياتي کي خطرو محسوس ڪندي ڪشمور پهچي وئي هن دانهيندي چيو ته منهنجو مڙس پيراڻو مهر ۽ تر جو وڏيرو مونکي ناحق ڪاري ڪري قتل ڪرڻ چاهن ٿا۔ ان سلسلي ۾ منهنجي مڙس ۽ ڏيرن مون مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري منهنجو مٿو ڦاڙي ڇڏيو آھي۔ مان مشڪل سان جان بچائي سرحد ٿاڻي تي پهتس۔ پوليس جوابدارن کي گرفتار ته ڪيو پر وڏيري جي مداخلت تي کين آزاد ڪيو ويو۔ سندن وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت وڏيرو، مڙس پيراڻو مهر بهرام مهر الله ڏنو مهر ۽ حبيب الله مهر مونکي قتل ڪرڻ چاهن ٿا ان ڪري مان پنهنجي دانهن کڻي ميڊيا آڏو آئي آھيان۔ مسمات گل پري روئندي آئي جي سنڌ  ايس ايس پي گهوٽڪي کي پرزور اپيل ڪندي چيو ته مون مسڪين عورت سان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي ۽ منهنجي خاندان کي ظالمن جي ظلم کان بچايو وڃي۔

پهنجو تبصرو موڪليو