مڙس ۽ ڏير ظلم ٿان ڪن،دارالامان ويندس،ناري

ڳڙهي ياسين(ن س )ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ حبيب جکرو جي رهواسڻ شادي شده عورت هڪ ٻار جي ماء 25 ورهين جي مسمات انيس فاطمه زال طالب جکرو مڙس ۽ ڏير جي ظلمن کان تنگ اچي ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي پهچي وئي تحفظ جي گهر،تفصيل موجب ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ حبيب جکرو جي رهواسڻ 25 ورهين جي مسمات انيس فاطمه مڙس طالب جکرو ۽ ڏير جي ظلمن کان تنگ اچي ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي پهچي پناھ ورتي ان موقعي تي مسمات انيس فاطمه جکرو دانهيندي چيو ته منهنجو مڙس طالب جکرو ۽ سندس ڀاء هر وقت مون مٿان بنا جواز تشدد ڪري وڙھندا رهن ٿا جنهن ڪري سندس ظلمن کان تنگ اچي اڄ وجھ وٺي گهران نڪري ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي پهچي پناھ ورتي آهي مڙس ظالم آهي ان سان گڏ نٿي رهڻ چاهيان مڙس ۽ سندس ڀاء مان جان کي خطرو آهي دارالامان اماڻيو وڃي مڙس ۽ ڏيرن مان جان کي خطرو آهي تحفظ فراھم ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين مقصود احمد جلباڻي ٻڌايو ته ناري مڙس ۽ ڏيرن جي ظلم کان تنگ اچي ٿاڻي تي پناه ورتي آهي اگر هن ڪنهن سان گڏ وڃڻ نه چاهيو ته کيس درالامان اماڻيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو