مڙس کي قتل ڪندڙ زال ۽ پريمي کي عمر قيد جي سزا

مڙس کي قتل ڪندڙ زال ۽ پريمي کي عمر قيد جي سزا

ٽنڊومحمد خان (لال بخش سٺيو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج سيد ذوالفقار علي شاهه جي عدالت ٻن جوابدارن گل محمد عرف ڏاڏا ۽ مسمات روشنا کي وزير علي ڇلگري جي خون جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻنھي جوابدارن کي عمر قيد ۽ ھڪ ھڪ لک روپيا  ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. واضح رهي ته  جوابدارن مٿان 16 آگسٽ 2019 تي پوليس  اسٽيشن ٽنڊو محمد خان تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو ته مسمات روشنا پنھنجي پريمي سان گڏجي سندس مڙس وزير علي ڇلگري کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو. گرفتاري جي اڍائي مھينن اندر ماڊل ٽرائل ڪورٽ پاران اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو