مڙس حق مُهر سميت معاهدي ۾ لکيل شيون زال کي ڏيڻ جو پابند آهي

مڙس حق مُهر سميت معاهدي ۾ لکيل شيون زال کي ڏيڻ جو پابند آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته مڙس نڪاح نامي ۾ درج حق مھر کان سواءِ ڌار معاهدي ۾ لکيل شيون به زال کي ڏيڻ جو پابند آهي. عدالتِ عاليه ڌار معاهدي ۾ لکيل 5 مرلن جو گهر زال کي ڏيڻ جو ٽرائل ڪورٽ (ٽرائل عدالت) جو فيصلو درست قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت مڙس جي ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس محمد ساجد محمود سيٺي درخواست تي 11 صفحن تي ٻڌل حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو. عورت موجب، مڙس شاديءَ واري ڏينهن ڌار معاهدي ۾ 5 مرلن جو گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حق مھر زال جو قانوني حق آهي، مڙس جي مرضي يا احسان ناهي ۽ حق مھر کي قانون ۾ زال تي مڙس جو قرض تصور ڪيو ويندو آهي. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته شاديءَ دوران حق مھر جو مطالبو نه ڪرڻ کي عورت پاران پنهنجي حق تان هٿ کڻڻ نه سمجهيو ويندو، معاشرتي ۽ گهريلو دٻاءُ سبب عورتون اڪثر شاديءَ دوران حق مھر جو مطالبو ناهن ڪنديون. حڪمنامي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حق مھر زباني، تحريري يا بعد ۾ به طئي ڪري سگهجي ٿو، مسلم قانونن ۾ مڙس کي شاديءَ کانپوءِ به حق مھر وڌائڻ جي اجازت آهي ۽ خانداني معاملن ۾ عدالتون رڳو ٽيڪنيڪل ناهن پر سماجي حقيقتن کي به نظر ۾ رکنديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو