مڙس مبينا طور گهٽا ڏئي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

فيض گنج (وسيم سولنگي) ڳوٺ حيات راڄپر ۾ مبينا طور تي مڙس شفقت راڄپر گهٽائي ڏئي پنهنجي زال 25.سالن جي  سهڻي راڄپر کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع تي فيض گنج پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم  لاءِ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. مبينا طورتي قتل ٿيل سهڻي راڄپر ٻن ٻارن جي ماءُ آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او فيض گنج نور محمد لغاري ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪيون ٿا  ته ڪهڙي ڪارڻ سبب مڙس زال کي قتل ڪيو آهي جلد جوابدار کي گرفتار ڪنداسين. جڏهن ته جوابدارن واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو