اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو) ڳوٺ جعفر چانڊيو واسڻ مسمات سوناري چانڊيو ماءُ ڀائرن سميت راونتي ٿاڻي تي پهچي دانهيو آهي ته هڪ سال اڳ منهنجي سهري مونسان جنسي زيادتي ڪئي مون اهڙي شڪايت پنهجي مڙس هدايت الله چانڊيو کي ڪئي جنهن بدنامي جو چئي چپ رهڻ جو چيو مگر مان پاڻ مٿان ٿيل ظلم جي ڌانهن پنهنجي ڀائرن کي ڏني جنهن تي مونکي مڙس هديت الله چانڊيو طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو گذريل رات ڪجھ هٿياربند ساڻ ڪري مون کي مارڻ لاءِ منهجي ڀائرن جي گهر مٿان حملو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني انهي حوالي سان ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي مونسان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف ساڻس گڏ ڀائرن محمد علي چانڍيو اياز علي چانڍيو ٻڌايو ته اسان مسڪين آهيون هديت الله وارا ڏوهاري قسم جا ماڻهون آهن انهن کي جلد گرفتار ڪري اسان جي ڀيڻ ۽ اسانکي تحفظ ڏنو وڃي










