مڙس جي ظلمن کان تنگ ناري، تحفظ لاءِ ٿاڻي پهچي وئي

ڳڙهي ياسين(ن س)ڳوٺ ڪرن شريف ڀرسان گهر پنهنجا جي رهواسڻ 20 ورهين جي مسمات ثمينه زال خالد منڱڻهار مڙس جي ظلمن کان تنگ اچي ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي پهچي پناھ ورتي ان موقعي تي مسمات ثمينه منڱڻھاردانهيندي چيو ته منهنجو مڙس خالد منڱڻھار چريو آهي هو هر وقت مون مٿان بنا جواز تشدد ڪري وڙھندو رهي ٿو ۽ ڪوڙا الزام پڻ مڙهيندو رهي ٿو جنهن ڪري سندس ظلمن کان تنگ اچي وجھ وٺي گهران نڪري ٿاڻي تي پهچي پناھ ورتي آهي مڙس چريو ۽ ظالم آهي ان سان گڏ نٿي رهڻ چاهيان مڙس ۽ سندس مائٽن مان جان کي خطرو آهي ڀاء سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي مڙس،سهري ۽ ڏيرن مان جان کي خطرو آهي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو