غوثپور(عبدالنبي ملڪ)ڳوٺ باز محمد ڏاهاڻي ۾ رات جو فارم تي چوڪيداري ڪندڙ 26 ورھين جو پورهيت ڪبير پٽ نوخاف ڏاهاڻي کي اڻڄاتل هٿياربند اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا. اطلاع بعد حد جي پوليس جو ايس ايڇ او ظھور احمد لاشاري ۽ مغوي جي وارثن ڌاڙيلن جو پيرو کنيو پر ڌاڙيل ڪچي طرف فرار ٿي ويا. مغوي جي وارثن جميل احمد۔ مشتاق احمد ۽ ٻين ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته فورن مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو.










