مڇي جي تلاءَ تان جهيڙو فائرنگ سبب 3 زخمي

(عبدالنبي ملڪ) غوثپور۔ڪچي ڪيٽي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ پير بخش ميراڻي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ مڇي مارڻ تان جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا ھڪ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن ۾ مائي سڪينه، بلاول ۽ ٻيڙو ميراڻي شامل آهن. پوليس اطلاع باجود واقعي واري ھنڌ نه پھتي ته زخمين کي سندن وارث کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال آندو، جتي کين طبي امداد ڏني ويئي. زخمين مان بلاول جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي اسپتال موڪليو ويو. پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو