مڇيءَ وانگر ڦتڪڻ جي ضرورت ناهي، هاڻي تون اڪيلو آهين

مڇيءَ وانگر ڦتڪڻ جي ضرورت ناهي، هاڻي تون اڪيلو آهين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته هاڻي کيس بچائڻ ڪو به نه ايندو، ”هاڻي تنهنجي راند ختم ٿي وئي“. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ”غير جانبدار“ جو مطلب آهي ته ڪير به مدد لاءِ نه اچي رهيو آهي. مريم نواز جو اهو به چوڻ هو ته ”غير جانبدار“ لفظ سڄي پارٽي کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، مون ٽانگا پارٽي جي اها حالت ڪڏهن نه ڏٺي آهي، توهان نيب، ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن کي غير جانبدار رهڻ نه ڏنو آهي، توهان چاهيو ٿا ته ڪنهن جي ڳڻپ پوري ڪريو، تون اڪيلو ميدان ۾ آهين، تون چاهين ٿو ته ڪو تنهنجي لاءِ ميڊيا کي مينيج ڪري، اهو هو نٿا ڪن ته تون هنن کي جانور چئي رهيو آهين. هن چيو ته مڇيءَ وانگر ڦتڪڻ جي ضرورت ناهي، غير جانبدار رهڻ ته آئين جي پاسداري ڪرڻ آهي، اها ته سٺي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪو آئين جي پاسداري ڪري ٿو ته ان کي ڀليڪار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو