ٽنڊو محمد خان (ن س)شيخ ڀرڪيو ۾ مڇر ڪالوني ۾ پيش آيل واقعي خلاف ايس ٽي پي شيخ ڀرڪيو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين بابواورنگزيب شيخ حاڪم خاصخيلي ناٿو سنڌي قربان پتافي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هر روز جي بنياد تي ڪراچي اندر سنڌين کي بيگناه ڌاريا قتل ڪري رهيا آهن اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا هنن چيو ته تازو ئي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي ڪوڙي الزام ۾ تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو آهي جنهن واقعي تي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن سنڌ حڪومت آء جي سنڌ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي نيڪالي ڏئي بيگناه قتل ٿيندڙ سنڌين جي قاتلن کي ڦاهي جي ڦندهي تي لٽڪايو وڃي










