مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 21 ڪروڙ 81 لک ڊالرن جي گهٽتائي

مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 21 ڪروڙ 81 لک ڊالرن جي گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 218.1 ملين ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي. مرڪزي بئنڪ موجب 26 مئي تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي دوران پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 9.51 بلين ڊالر رهيا.اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 102.3 ملين ڊالرن جي گهٽتائي سان 4.9 ارب ڊالر ٿي ويا.اهڙي طرح ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 11.58 ملين ڊالرن جي گهٽتائي سان 5.42 ارب ڊالر ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو