مٺي اسپتال قرضي، مريضن جو کاڌو بند،3 ٻارڙا فوت

مٺي(لیاقت نھڙیو) ٿرپارڪرضلعي جي سول اسپتال ساڍن ٽن ڪروڙ روپين جي قرضي ٿيڻ بعد مريضن کي کاڌو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو، غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا. هلندڙ مهيني جولاء ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 22 ۽ ھلندڙ سال  437 ٿي ويو. هن وقت 100 ٻار اسپتال ۾ داخل آهن. اسپتال جي ذريعن سنڌيار کي ٻڌايو ته سول اسپتال مٺي رڳو مريضن کي کاڌو کارائڻ جي مد ۾ 50 لکن جي قرضي بڻجي وئي آهي ۽ مختلف مدن ۾ جن ۾ دوائون، تيل، گئس، پيٽرل پمپ ۽ گاڏيون ٺھرائڻ جي مد ۾ ٽن ڪروڙن جي قرضي بڻيل آھي. جڏھن ته سمورين  سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ ڪري روزانو جي بنياد تي ڪيترائي معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ داخل  ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي ريفر ڪيا  وڃن ٿا.

جڏھن ته سول اسپتال مٺي جي  ٻارن واري وارڊ ۾ داخل ٽي ٻارڙا  فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ يارنهن مهينن جي ڀرتو ڀيل، جامون ميگهواڙ ۽ ڄام خان راڄڙ جا تازا ڄاول ٻارشامل آهن. اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه آهن ۽ ڏڪاريل ڏيهه واسي پنهنجي جگر جي ٽڪڙن جو علاج ڪرائڻ لاء دربدر ٿي ويا آھن. ٿر مان چونڊيل نمائندا سندن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ٿر واسين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو