ميگهواڙن جو با اثرن جي قبضي خلاف احتجاج

ميگهواڙن جو با اثرن جي قبضي خلاف احتجاج

خانپورمهر(آفتاب سيال) ماڪائي اسٽينڊ وٽ ساڌاڻو پاڙي جي رهواسي ميگهواڙ برادري جي ماڻهن ڪيول رام، دليپ ڪمار، سنيل ڪمار، اڪشي ۽ ٻين گهرن تي قبضو ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته اسان کي مرحوم سردار غلام محمد خان مهر هتي ويهاريو هو، اسان جي گهرن وچ ۾ ويٺل گوڪل مل ٻه سال اڳ لڏي ويو، اسين کيس چيو ته جڏهن به جڳهه وڪرو ڪرين ته اسان وٺنداسين ڇاڪاڻ ته جڳهه اسان جي گهرن وچ ۾ آهي. پر اڄ ڪجهه بااثر ماڻهن زبرستي اسان جي محلي ۾ اسان گهرن ۾ اچي جڳهه  جا تالا ٽوڙي قبضو ڪري ويهي رهيا آهن، اسان جي پڇا ڪرڻ تي هو ڌمڪائي رهيا آهن مظاهرين ٻڌايو ته اسين اقليتي غريب ماڻهو آهيون اسان جي ٻچن وچ ۾ بااثرن قبضو ڪيو آهي جنهن سبب اسان جي ٻچڙن ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو