ميلبورين(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر ميٿيو ويڊ جي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ انگلينڊ خلاف اهم ميچ ۾ آل رائونڊر گلين ميڪسويل جي وڪيٽ ڪيپ ڪرڻ جو امڪان آهي.آسٽريليا جو وڪيٽ ڪيپر ميٿيو ويڊ ڪووڊ 19 ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هاڻي خبرون آهن ته گلين ميڪسويل ميٿيو ويڊ جي چونڊ لاءِ دستياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڀاليندو.ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ميٿيو ويڊ ۾ وائرس جون علامتون نرم آهن ۽ هو اهم ميچ کيڏڻ لاءِ پراميد آهي.ميڊيا رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گلين ميڪسويل ٽريننگ سيشن ۾ کيڏڻ جي مشق ڪئي آهي.










